صدر زرداري چيو ته “فتنته الخوارج” ۽ “فتنته الهندستان” خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ سڀ کان وڏا خطرا بڻجي چڪا آهن۔ دهشتگردي سبب پيدا ٿيندڙ جنگ گڏيل ذميواري آهي، تنهنڪري ڪنهن هڪ ملڪ تي ان جو بار وجهڻ درست ناهي۔هن چيو ته پاڪستان بارها واضح ڪري چڪو آهي ته فتنته الخوارج ۽ فتنته الهندستان جي ڳٺ جوڙ سان پاڪستاني شهرين ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، ۽ افغان زمين تان ٿيندڙ حملن جا ثبوت گڏيل قومن جي رپورٽن ۾ به موجود آهن۔صدر آصف زرداري جو چوڻ هو ته پاڪستان پويان پنج ڏهاڪا افغان ڀائرن جي ميزباني ڪري چڪو آهي، جيڪو اسلامي اخوت ۽ سٺي پاڙيسري جي هڪ بي مثال مثال آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته افغان شهرين جي باعزت واپسي ۽ امن جي بحالي ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفاد ۾ آهي۔زرداري وڌيڪ چيو ته پاڪستان پنهنجي قومي مفادن، علاقائي خودمختياري ۽ سلامتي جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي ۽ ڪنهن به صورت ۾ ڪو سمجهوتو نه ڪندو۔هن والاريل جمون ۽ ڪشمير بابت ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ڪڏهن به ڀارت جي غيرقانوني دعويٰ يا گمراهه ڪندڙ موقف کي تسليم نه ڪندو۔ افغان قيادت جيڪڏهن والاريل ڪشمير جي عوام جي آزادي واري جدوجهد تان منهن موڙي ٿي، ته اها نه صرف تاريخ پر سڄي امتِ مسلمه سان ناانصافي آهي۔صدر زرداري جو چوڻ هو ته پاڪستان هميشه پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان جو خيرخواهه رهيو آهي، ۽ دهشتگردي جي خلاف گڏيل عملي قدم ئي خطي ۾ حقيقي امن جي ضمانت آهن۔
