پي ٽي آءِ جو سهيل آفريدي خيبرپختونخوا جو نئون وزيراعليٰ چونڊيو ويو، جنهن 90 ووٽ حاصل ڪيا

پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سهيل آفريدي خيبرپختونخوا جو نئون وزيراعليٰ منتخب ٿي ويو، جنهن 90 ووٽ حاصل ڪيا۔ نئين قائدِ ايوان جي چونڊ لاءِ خيبرپختونخوا اسيمبلي جو اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ پي ٽي آءِ جي علي امين گنڊاپور سميت پارٽي جا ٻيا ميمبر به شرڪت ڪئي۔ اجلاس دوران وزيراعليٰ جي چونڊ جو عمل مڪمل ڪيو ويو، جنهن ۾ سهيل آفريدي واضع اڪثريت سان ڪامياب قرار ڏنو ويو۔ پي ٽي آءِ جو ميمبر آصف محسود بيرون ملڪ هجڻ سبب ووٽنگ ۾ شرڪت نه ڪري سگهيو، جڏهن⁠تہ اپوزيشن پارٽين خيبرپختونخوا اسيمبلي جي اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو، جنهن سبب چونڊ عمل ۾ صرف حڪومتي اتحاد جا ميمبر شامل ٿيا۔ سهيل آفريدي جي ڪاميابي بعد ايوان ۾ پي ٽي آءِ جي ميمبرن خوشي جو اظهار ڪيو ۽ هڪ ٻئي کي مبارڪون ڏنيون۔ بعد ۾ اسپيڪر خيبرپختونخوا اسيمبلي بابر سليم وزيراعليٰ جي چونڊ لاءِ آئيني عمل شروع ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته قائدِ ايوان جي چونڊ تي مان رولنگ ٿو ڏيان، جيڪو طريقيڪار اختيار ڪيو ويو اهو مڪمل طور تي آئيني آهي۔ هن چيو ته بطور اسپيڪر، هن ايوان ۾ وزيراعليٰ جي چونڊ منهنجي آئيني ذميواري آهي، علي امين گنڊاپور جو استعيفو ۽ نئين قائدِ ايوان جي چونڊ آئين ۽ قانون موجب مڪمل ٿي آهي۔ ياد رهي ته سهيل آفريدي جي مقابلي ۾ جميعت علماءِ اسلام (ف) جي مولانا لطف الرحمان، مسلم ليگ (ن) جي سردار شاهجهان يوسف ۽ پيپلز پارٽي جي ارباب زرڪ خان به اميدوار هئا۔

پنھنجي راءِ لکو