خيبرپختونخوا جي نئين وزيراعليٰ جي چونڊ لاءِ صوبائي اسيمبلي جو اجلاس اڄ طلب ڪيو ويو آهي، جتي وزارتِ اعليٰ جي منصب لاءِ چار اميدوارن وچ ۾ مقابلو ٿيندو۔ تحريڪِ انصاف طرفان سهيل آفريدي کي وزيراعليٰ لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي، جڏهنتہ جميعت علماءِ اسلام (ف) طرفان مولانا لطف الرحمان، مسلم ليگ (ن) طرفان سردار شاهجهان يوسف، ۽ پيپلز پارٽي طرفان ارباب زرڪ خان اميدوار آهن۔ اسيمبلي جي ڪل ميمبرن جو انگ 145 آهي، جن مان قائدِ ايوان منتخب ٿيڻ لاءِ ڪنهن به اميدوار کي گهٽ ۾ گهٽ 73 ووٽ حاصل ڪرڻ لازمي هوندا۔ هن وقت اسيمبلي ۾ حڪومتي ميمبرن جو انگ 93 ۽ اپوزيشن جي ميمبرن جو انگ 52 آهي، جڏهنتہ وزارتِ اعليٰ حاصل ڪرڻ لاءِ اپوزيشن کي گهٽ ۾ گهٽ 20 آزاد يا حڪومتي منحرف ميمبرن جي حمايت گهرجي۔ ذريعن موجب گذريل ڏينهن تحريڪِ انصاف جي وفد وفاقي وزير امير مقام سان ملاقات ڪئي هئي، جنهن ۾ سهيل آفريدي کي بلامقابله وزيراعليٰ چونڊڻ جي تجويز ڏني وئي، پر امير مقام هن تجويز تي اپوزيشن پارٽين سان صلاح مشوري کان پوءِ جواب ڏيڻ جو چيو هو۔ سياسي تجزيه نگارن موجب اڄ ٿيندڙ چونڊ نه رڳو صوبي جي سياسي صورتحال پر مستقبل جي اتحادن لاءِ به اهم فيصلائتو موڙ ثابت ٿي سگهي ٿو۔
