خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي چونڊ لاءِ صوبائي اسيمبلي جو اجلاس ٿيو. اپوزيشن ميمبر واڪ آئوٽ ڪندي ايوان کان ٻاهر هليا ويا جڏهن ته اسپيڪر علي امين گنڊاپور جو استعيفيٰ منظور ڪرڻ جي رولنگ ڏني، جنهن کان پوءِ پي ٽي آءِ اڳواڻ محمد سهيل آفريدي خيبرپختونخواهه جو نئون وڏو وزير چونڊجي ويو.خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ اڄ نئين وڏي وزير جي چونڊ لاءِ 4 اميدوار سامهون هئا: پاڪستان تحريڪ انصاف جي محمد سهيل آفريدي، جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي مولانا لطف الرحمان، مسلم ليگ (ن) جي سردار شاهجهان يوسف، ۽ پيپلز پارٽي جو ارباب زرڪ آمهون.وڏي وزير جي چونڊ جي لاءِ اسيمبلي جو اجلاس بابر سليم سواتي جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس جي شروعات تي علي امين گنڊاپور پي ٽي آءِ چيئرمين جي تصوير کڻي ڪارڪنن کي نعرن جو جواب ڏنو. انهي دوران اسيمبلي هال جو دروازو بند ٿيڻ تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن سخت نعريبازي ڪئي. دروازي تي مقرر سيڪيورٽي اهلڪارن سان پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي چڪرين کان پوءِ انهن کي اندر داخل ڪيو ويو. تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن جو وڏو انگ اسيمبلي هال پهچي ويو ۽ پابندي جي باوجود اسيمبلي هال ۾ نعريبازي ڪئي.پي ٽي آءِ جي صوبائي اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر امجد خطاب ڪندي چيو ته ڪالهه جيڪو تحريڪ لبيڪ جي ڪارڪنن سان سلوڪ ٿيو، اسان انهي جي مذمت ڪريون ٿا. تحريڪ لبيڪ جي شهيد ڪارڪنن لاءِ اجتماعي دعا گهري وئي.
