خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چونڊ کي غير آئيني قرار ڏئي ڇڏي

خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي نئين وڏي وزير جي چونڊ کي غير آئيني قرار ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته اپوزيشن به چونڊ کي عدالت ۾ چيلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي۔فيصل ڪريم ڪنڊي پنهنجي بيان ۾ چيو ته، “جيستائين علي امين گنڊاپور جي استعيفيٰ باقاعدي طور منظور نٿي ٿئي، وڏي وزير جي چونڊ آئيني طور درست نٿي ٿي سگهي।”ٻئي پاسي اپوزيشن اڳواڻن چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي سهيل آفريدي جي چونڊ کي هو اڱاري تي عدالت ۾ چيلينج ڪندا۔گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي وڌيڪ چيو ته، “علي امين گنڊاپور جي استعيفيٰ بابت مطمئن نه آهيان، نئين وڏي وزير جو نوٽيفڪيشن ڪير جاري ڪندو؟ اطمينان منهنجو آئيني حق آهي۔ علي امين کي اربع تي گهرائي چانهه پياريندس، پوءِ استعيفيٰ منظور به ٿي ويندي।”ياد رهي ته گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي اڳ به علي امين گنڊاپور جي استعيفيٰ تي اعتراض ڪندي چيو هو ته استعيفيٰ جون ٻه ڪاپيون موصول ٿيون آهن، ۽ ٻنهي تي ٿيل صحيحون هڪ جهڙيون نه آهن۔

پنھنجي راءِ لکو