سابق وڏي وزير پنجاب عثمان بزدار جي دور حڪومت ۾ ظاهر ٿيندڙ 200 ملين رپين جي وڏي مالي بي ضابطگي ۾ اعليٰ سرڪاري آفيسرن کي ملوث قرار ڏنو ويو آهي۔تفصيل موجب اها بي ضابطگي ڊسٽرڪٽ هيلٿ اٿارٽي منڊي بهاؤالدين ۾ سامهون آئي، جتي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي ٿري (PAC-III) جي حڪم تي انڪوائري مڪمل ڪئي وئي۔ذريعن مطابق تحقيقاتي رپورٽ ڪاميٽي ڏانهن موڪلي وئي آهي، جنهن ۾ ملوث آفيسرن خلاف انضباطي ڪارروائي ۽ وڌيڪ جاچ جي سفارش ڪئي وئي آهي۔رپورٽ موجب سال 2021-22 جي آڊٽ دوران 200 ملين رپين جي غيرقانوني خريداري جو انڪشاف ٿيو، جيڪا قانوني گهرجن کي پورو ڪرڻ کان سواءِ ڪئي وئي هئي۔تحقيقاتي آفيسر پنهنجي رپورٽ ۾ سفارش ڪئي ته صحت کاتو آن لائن مانيٽرنگ سسٽم ذريعي وڌيڪ جاچ ڪري ته جيئن اصل ذميوارن جو تعين ٿي سگهي۔ان کان علاوه، رپورٽ ۾ ڊي جي هيلٿ کي هدايت ڪئي وئي آهي ته جاچ ۾ دير جا سبب معلوم ڪيا وڃن، جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر منڊي بهاؤالدين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته مستقبل ۾ اهڙين مالي معاملن ۾ غفلت کان پاسو ڪيو وڃي۔پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي ٿري واضح ڪيو آهي ته تحقيقاتي نتيجن جي روشني ۾ ملوث آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي ته جيئن عوامي فنڊز جي شفاف استعمال کي يقيني بڻائي سگهجي۔
