آءِ ايس پي آر جو ڀارتي عسڪري بيانن تي ردعمل — “هر جارحيت جو جواب پوري طاقت سان ڏنو ويندو، ايندڙ نسلون ياد رکنديون.”

اسلام آباد — پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر ڀارتي عسڪري قيادت جي تازي بيانن تي شديد تشويش ظاهر ڪندي خبردار ڪيو آهي ته ڪنهن به جارحيت جو جواب پوري طاقت سان ڏنو ويندو، اهڙو جواب جنهن کي ايندڙ نسلون به ياد رکنديون۔آءِ ايس پي آر موجب ڀارت ۾ بِهار ۽ اولهه بنگال جي چونڊن دوران بي بنياد ۽ اشتعال انگيز پروپيگنڊو ڪيو پيو وڃي۔ بيان ۾ چيو ويو ته “معرڪهٔ حق” کان رڳو پنج مهينا پوءِ سياسي مقصدن لاءِ فوجي بيان بازي انتهائي پريشان ڪندڙ عمل آهي۔ترجمان چيو ته جوهري ملڪ جي عسڪري قيادت جا سياسي بيان نه رڳو افسوسناڪ آهن، پر اهي ڀارتي عوام ۽ عالمي برادري لاءِ شرم جو باعث پڻ آهن۔ ڪنهن به پروفيشنل فوج کي سياسي يا غيرذميوار بيانن کان پاسو ڪرڻ گهرجي، ڇو⁠تہ اهڙا عمل ڏکڻ ايشيا جي امن ۽ استحڪام لاءِ سنگين نتيجا پيدا ڪري سگهن ٿا۔آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ته ڀارتي قيادت بالي ووڊ طرز جا اسڪرپٽ ٺاهي پنهنجو من پسند تاريخ لکڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جڏهن⁠تہ ڀارتي فوج ۽ سياسي قيادت جي سوچ ۾ واضع تضاد نظر اچي ٿو۔ ترجمان موجب ڀارت کي “معرڪهٔ حق” ۾ فيصلائڪ شڪست ملي ۽ هاڻي هو پنهنجي خفّت مٽائڻ لاءِ پاڙيسرين خلاف مهم جوئي ڪري رهيو آهي۔آخر ۾ پاڪ فوج جي ترجمان خبردار ڪيو ته پاڪستان جا عوام ۽ مسلح فوجون ملڪ جي هر انچ جو دفاع ڄاڻن ٿيون، ڀارتي فوج ۽ سياسي اڳواڻ ڪنهن به غلط فهمي ۾ نه رهن — هر جارحيت جو فوري ۽ ڀرپور جواب ڏنو ويندو، جيڪو تاريخ ۾ لکيل رهندو۔

پنھنجي راءِ لکو