پريالوءِ ڀرسان ڳوٺ حاجي نهال خان بلوچ ۾ گورنمينٽ بوائز ايليمينٽري اسڪول جي شاگردن طرفان هيڊ ماستر اصغرالدين ميمڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو۔احتجاج ڪندڙ شاگردن سميع الله بلوچ، افضل، معين الدين ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام هنيو ته اسڪول جو هيڊZZاستر انهن کان اٺين ڪلاس جي سرٽيفڪيٽ لاءِ پيسا وٺي چڪو آهي، پر ان جي باوجود اڄ تائين سرٽيفڪيٽ جاري نه ڪيا ويا آهن۔شاگردن چيو ته سندن تعليمي مستقبل خطري ۾ پئجي ويو آهي، جڏهن ته اسڪول انتظاميا مڪمل طور تي بي پرواهه بڻيل آهي۔احتجاج ڪندڙن اعليٰ تعليم کاتي جي عملدارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو فوري طور نوٽيس وٺي، هيڊ ماستر خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ شاگردن کي سندن سرٽيفڪيٽ فوري طور تي جاري ڪيا وڃن۔احتجاج ڪندڙن اعليٰ تعليم کاتي جي عملدارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو فوري طور نوٽيس وٺي، هيڊ ماستر خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ شاگردن کي سندن سرٽيفڪيٽ فوري طور تي جاري ڪيا وڃن۔
