سارين جو اگهه گھٽ ملڻ خلاف آبادگارن ۽ هارين پاران پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو۔ مظاهري جي اڳواڻي آفتاب باجڪاڻي، شير محمد باجڪاڻي ۽ ٻين ڪئي۔ان موقعي تي ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته حڪومت سارين جي فصل جي قيمتن ۾ ناانصافي ڪري غريب هارين جو استحصال ڪري رهي آهي۔ غريب پورهيت سال ڀر محنت ڪري فصل پيدا ڪن ٿا، پر مارڪيٽ ۾ مناسب اگهه نه ملڻ سبب قرضي بڻجي وڃن ٿا ۽ پنهنجا خرچ به پوري نٿا ڪري سگهن۔مظاهرين چيو ته ٻج، ڀاڻ، دوائون ۽ ٽريڪٽر مهانگا ريٽ تي ملن ٿا، جنهن سبب هارين جي زندگي مشڪلاتن ۾ ڦاٿل آهي۔انهن الزام هنيو ته بار بار احتجاج باوجود حڪومت ڪو به نوٽيس نه ورتو آهي۔احتجاج ڪندڙن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سارين جو سرڪاري اگهه مقرر ڪري فوري نوٽيس وٺي، ٻي صورت ۾ حڪمرانن جو گهيراءُ ڪيو ويندو۔
