فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) طرفان ڪراچي پورٽس تان افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي ٽرانسپورٽيشن روڪڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا ويا آهن۔ڊائريڪٽوريٽ آف ٽرانزٽ ٽريڊ هيڊ ڪوارٽر ڪسٽمز هائوس ڪراچي ۾ ڊي جي افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي صدارت هيٺ هڪ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڊائريڪٽر افغان ٽرانزٽ ڪوئٽه ۽ پشاور زون به شرڪت ڪئي۔اجلاس کان پوءِ ڪسٽمز جنرل آرڊر 2025-98 جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي ٽرانسپورٽيشن کي اڻڄاتل مدي تائين معطل ڪيو پيو وڃي، ڇو ته ڪوئٽه ۽ پشاور ڪسٽم اسٽيشنز تي وڌيڪ ڪنٽينرز بيهارڻ جي گنجائش ختم ٿي وئي آهي۔آرڊر موجب سمورن ٽرمينلز کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جا ڪنٽينرز جيڪي گاڏين تي لوڊ ٿيل آهن، فوري طور آف لوڊ ڪيا وڃن۔ ان سان گڏ ئي سمورا گيٽ پاسز ملتوي ۽ انهن جي ٽرانسپورٽ روڪي وڃي۔ اهو حڪم نئين حڪمن تائين لاڳو رهندو۔ڪسٽمز ذريعن موجب، انهي آرڊر کان پوءِ ڪراچي پورٽ ۽ پورٽ قاسم جي سمورن ٽرمينلز افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي ڪليئرنس روڪي ڇڏي آهي۔ايس اي پي ٽي تي ٽي پي ڪنٽينرز جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون آهن، سوين ڪنٽينرز گاڏين تي لوڊ ٿيل بيٺل آهن ۽ ڪيترائي ڪوئٽه ۽ پشاور جي رستن ۾ ڦاٿل آهن۔ ڊرائيور بارڊر کلي وڃڻ جو انتظار ڪري رهيا آهن۔
