پنجاب جي ڳوٺ مدر شريف ۾ ڀائيٽي پاران چاچي جي گهر فائرنگ ماءُ پيءُ ۽ ڌيءَ سميت 3 ڄڻا قتل

پنجاب جي شهر شرقپور شريف جي ڳوٺ مدر شريف ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي ڀائيٽي پنهنجي چاچي جي گهر تي فائرنگ ڪري ماءُ، پيءُ ۽ ڌيءَ سميت 3 ماڻهن کي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس موجب مقتولن ۾ خادم حسين، بشريٰ خادم ۽ حنا شامل آهن، ۽ فائرنگ جو ڪارڻ گهر جي ٻاهران مٽي وجھڻ بابت هلندڙ جهيڙو هو. واقعو پيش اچڻ بعد جوابدار اسد پنهنجي ساٿين سميت فرار ٿي ويو، جنهن جي ڳولا جاري آهي. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو، جنهن کانپوءِ قانوني ڪارروائي جو آغاز ڪيو ويندو.

پنھنجي راءِ لکو