ڪراچي: لياري جي علائقي آگره تاج ڪالوني ۾ هڪ ست منزلن تي مشتمل خطري واري عمارت کي مسمار ڪرڻ جي ڪارروائي شروع ڪري ڏني وئي آهي. تفصيل موجب ڪراچي ۾ مخدوش عمارتن خلاف هڪ ڀيرو ٻيهر آپريشن جو آغاز ڪيو ويو آهي، جتي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (ايس بي سي اي) ۽ ضلعي انتظاميه لياري جي آگره تاج ڪالوني ۾ واقع ان ست منزلہ خطري واري عمارت کي مسمار ڪرڻ ۾ مصروف آهن. اولڊ سٽي علائقي ۾ مخدوش عمارتن جي ڪري ٿيندڙ حادثن ۽ جانن جي ضياع کانپوءِ حڪومت جو عمل شروع ٿيو هو، پر ڪجهه عرصي کان پوءِ اهو عمل سست ٿي ويو هو، هاڻي پنج مهينن جي وقفي کانپوءِ ٻيهر اهڙين عمارتن خلاف آپريشن بحال ڪيو ويو آهي. آگره تاج ڪالوني ۾ 60 گز جي پلاٽ تي قائم ست منزلہ عمارت ۾ سولهن فليٽ موجود هئا، جن مان ضلعي انتظاميه ٽن فلورز کي خالي ڪرائي عمارت جي مٿين منزلن کي گرانڻ جو عمل شروع ڪيو آهي. ڊائريڪٽر ڊيموليشن ريحان قائمخاني موجب، علائقي ۾ هڪ ست منزلہ ۽ هڪ ڇهه منزلہ عمارت ايس بي سي اي جي ٽيم ۽ افرادي قوت جي مدد سان مسمار ڪيا پيا وڃن. ضلع ساوتھ ۾ لڳ ڀڳ 450 مخدوش عمارتون موجود آهن، جن مان اڪثر کي خالي ڪرائي ڇڏيو ويو آهي. انتظاميه جو چوڻ آهي ته شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ خطري واري عمارتن خلاف ڪارروائون بنا ڪنهن فرق جي جاري رهنديون.
