پاڪستان ۾ سون جي قيمت ۾ تاريخي واڌ عالمي مارڪيٽ ۾ به نئون رڪارڊ قائم

بين الاقوامي ۽ مقامي مارڪيٽن ۾ سون جي قيمتن نئين بلند ترين سطح کي ڇهي ورتو آهي. پاڪستان ۾ في تولا سون 14 هزار 100 رپين جي نمايان واڌ کان پوءِ 4 لک 56 هزار 900 رپين تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته ڏهه گرام سون به 12,089 رپين جي واڌ سان 3 لک 91 هزار 718 رپين جي بلند قيمت تي پهچي ويو آهي. عالمي صرافه مارڪيٽ ۾ سون 141 ڊالر جي وڏي واڌ سان 4,358 ڊالر في اونس جي تاريخي سطح تي پهچي چڪو آهي.ماهرن موجب، عالمي معاشي غير يقيني صورتحال، ڊالر جي قيمت ۾ گهٽتائي، ۽ سيڙپڪارن پاران محفوظ سيڙپڪاري جي تلاش سون جي قيمت ۾ واڌ جو اهم سبب بڻجي رهيا آهن. روايتي طور سون کي محفوظ سيڙپڪاري سمجهيو ويندو آهي، جيڪو مهانگائي، سياسي ۽ معاشي اڻبرابري جي وقت قيمت وڌائيندو آهي. پاڪستان ۾ گذريل سال سون جي قيمت طئي ڪرڻ واري طريقي ۾ تبديلي آندي وئي هئي، جنهن تحت سون جي قيمت عالمي مارڪيٽ ريٽ کان 20 ڊالر في اونس وڌيڪ مقرر ڪئي ويندي آهي.

پنھنجي راءِ لکو