اسلام آباد (مانیٽرنگ — وفاقي وزير داخلہ محسن نقوي سان جمعيت علما پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل علامه شاهه اويس نوراني جي ملاقات ٿي، جنهن ۾ مذهبي هم آهنگي، رواداري ۽ قومي اتحاد تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي۔ ملاقات دوران اتفاق ڪيو ويو ته بيگناهن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي ويندي ۽ جن کي بنا ثبوت گرفتار ڪيو ويو آهي، انهن کي آزاد ڪيو ويندو، جڏهن ته ڪنهن به مدرسه کي بند نه ڪيو ويندو، البت شرپسندن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي۔ محسن نقوي چيو ته قانون هٿ ۾ وٺڻ جي اجازت هرگز نه ڏني ويندي، رياست خلاف هٿيار کڻڻ جي اجازت ڪنهن کي به نه آهي، قائداعظم جي پاڪستان ۾ انتهاپسندي ۽ شرپسندي جي ڪا جاءِ ناهي۔ وزير داخله وڌيڪ چيو ته بدامني ۽ انتشار ڦهلائيندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، جڏهن ته مذهبي هم آهنگي ۽ صبر جي فروغ لاءِ علما ڪرام جو ڪردار قابل تعريف آهي۔ علامه اويس نوراني چيو ته ملڪ ۾ پائيدار امن، ڀائراڻي فضا ۽ رواداري جي واڌاري لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪيو ويندو۔
