دشمن جا هر وار خاڪ ۾ ملنداسين — اسلام جي غلط تشريح ڪندڙن اڳيان نه جھڪنداسين: آرمي چيف

پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول ۾ 152هين پاسنگ آئوٽ پريڊ جي شاندار تقريب ۾ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير مهمان خاص طور شرڪت ڪئي ۽ نوجوان ڪيڊٽس کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته پاڪستان جي سلامتي ۽ خودمختياري تي ڪنهن به قسم جو سمجھوتو نه ڪيو ويندو. هن پنهنجي خطاب ۾ واضع ڪيو ته ملڪ جي دشمنن ۽ انهن جي پراڪسين کي روايتي ميدان ۾ به شڪست ڏني ويندي، جڏهن ته دهشتگردي ۽ اسلام جي غلط تشريح ڪندڙ قوتن آڏو ڪڏهن به نه جهڪبو. فيلڊ مارشل عاصم منير افغانستان جي عبوري قيادت کي به پيغام ڏنو ته افغان زمين پاڪستان خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏني وڃي، جڏهن ته ڀارتي فوجي قيادت کي خبردار ڪندي چيو ته جيڪڏهن ٻيهر جارحيت جي ڪوشش ڪئي وئي ته پاڪستان دشمن کي اميدن کان به سخت جواب ڏيندو. هن چيو ته پاڪستان جو دفاعي نظريو قابلِ اعتماد ڊيٽرنس ۽ دائمي تياري تي ٻڌل آهي، ۽ هر محاذ تي پاڪ فوج الرٽ آهي. فيلڊ مارشل چيو ته پاڪستان جو جهنڊو هميشه بلند رهندو، جڏهن ته علائقائي مسئلا عالمي اصولن ۽ گڏيل احترام جي بنياد تي حل ٿيڻ گهرجن، ڇو⁠ته نيوڪليئر ماحول ۾ ٻنهي ملڪن لاءِ جنگ جو ڪو به جواز ناهي.

پنھنجي راءِ لکو