استعمال ٿيل ڪپڙن تي 200 رپيه في ڪلو ٽيڪس، واپارين ۾ ڪاوڙ جي لهر

ڪراچي — هلندڙ سال حڪومت طرفان استعمال ٿيل پراڻن ڪپڙن جي درآمد تي 200 رپيه في ڪلوگرام ٽيڪس لاڳو ٿيڻ بعد واپارين ۾ سخت ڪاوڙ ڇانيل آهي۔واپارين جو چوڻ آهي ته هن فيصلي سان خاص طور تي استعمال ٿيل گرم ڪپڙن جون قيمتون 500 کان 1500 رپين تائين وڌي ويون آهن، جنهن جو اثر سڌو غريب ۽ وچولي طبقي تي پوندو۔واپارين مطابق هن ڀيري لنڊا بازار ۾ گرم ڪپڙن جا اگهه اڳ کان وڌيڪ آهن، پر انهن جي ڪوشش آهي ته قيمتن کي جيترو ٿي سگهي گهٽ رکيو وڃي۔ بهرحال، وڌيل ڊيوٽيز سبب انهن کي مال تي وڌيڪ سيڙپ ڪرڻي پئي آهي، ۽ جيڪو مال اڳ ڪنٽينر جي حساب سان ايندو هو، هاڻي اها درآمد مهانگي ٿيڻ سبب گهٽجي وئي آهي۔واپارين حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته استعمال ٿيل ڪپڙن جي درآمد تي ٽيڪس جي شرح گهٽ ڪئي وڃي، جيئن غريب ۽ وچولو طبقو به سستي اگهن تي پنهنجا سياري جا ڪپڙا خريد ڪري سگهي۔

پنھنجي راءِ لکو