خيبرپختونخوا جي نئين چونڊيل وڏي وزير سهيل آفريدي صوبي ۾ امن جي قيام لاءِ 25 آڪٽوبر تي ضلعي خيبر ۾ هڪ عظيم الشان امن جرڳو گهرائڻ جو اعلان ڪيو آهي۔سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس (سابق ٽوئٽر) تي جاري بيان ۾ سهيل آفريدي چيو ته امن جي لاءِ قبائلي اڳواڻن، سياستدانن ۽ نوجوانن تي ٻڌل هي جرڳو تعلقي باڙه ۾ ٿيندو، جيڪو سياسي وابستگين کان مٿانهون هوندو۔سندس چوڻ هو ته صوبي جي فيصلا سازي ۾ خيبرپختونخوا جي عوام جي خواهشن کي اوليت ڏيڻ گهرجي۔ سهيل آفريدي چيو ته “اسان پنهنجن زندگين ۽ مستقبل جا فيصلا پاڻ ڪنداسين، ڪنهن کي به بند ڪمرن ۾ ڪيل فيصلا عوام تي مڙهڻ جي اجازت نه ڏينداسين۔”وڏي وزير وڌيڪ چيو ته خيبرپختونخوا جي حڪومت عمران خان جي نظرئي ۽ عوامي مفادن سان گڏ بيٺل رهندي۔ٻئي طرف ذريعن موجب نئين صوبائي ڪابينه لاءِ مشاورت مڪمل ٿي وئي آهي، جنهن جو باضابطه اعلان ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي۔پهريون مرحلو ۾ 8 کان 19 اهم کاتن جي وزيرن جو اعلان ڪيو ويندو، جڏهن ته باقي نالن تي فيصلو پي ٽي آءِ باني سان ملاقات کان پوءِ ڪيو ويندو۔ذريعن جو چوڻ آهي ته نئين ڪابينه ۾ تجربه ڪار ۽ نوان ٻئي چهرا شامل ڪيا ويندا ته جيئن انتظامي معاملن کي متاثر ٿيڻ کان بچائي سگهجي۔
