ڪنڌڪوٽ ڀرسان ڪارنھن جي تڪرار تان فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل، هڪ زخمي

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ) ڪنڌڪوٽ لڳ بخشاپور ٿاڻي جي حد شاهي واھ پل وٽ جکراڻي ۽ محمداڻي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ ڪارنھن جي پراڻي تڪرار تان ٻيهر جهيڙو ڀڙڪي اٿيو، جنهن دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ بقا محمد جکراڻي جو رهواسي غلام علي جکراڻي مارجي ويو، جڏهن ته هڪ ڄڻو سخت زخمي ٿي پيو۔عيني شاهدن موجب فائرنگ کان پوءِ جوابدار هٿيارن سميت فرار ٿي ويا۔ اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو۔لاش گهر پهچڻ تي روئڪپي مچي وئي، جڏهن ته علائقي ۾ ڇڪتاڻ برقرار آهي۔ پوليس موجب جاچ جاري آهي ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن۔

پنھنجي راءِ لکو