پريالوءِ ڀرسان سنڌو درياهه ۾ لڙهندڙ خان محمد گاڏهي جو لاش ٻن ڏينهن گذرڻ باوجود نه مليو

پريالوءِ (رپورٽ) پريالوءِ ڀرسان ٻه ڏينهن اڳ مڇي جو شڪار ڪندي پير ترڪڻ سبب سنڌو درياهه ۾ ڪرڻ بعد پاڻي جي تيز وهڪري ۾ لڙهي ويل ڳوٺ فيض واهه جي گاڏهي پاڙي جو رهواسي 55 ورهين جو خان محمد گاڏهي اڃا تائين نه ملي سگهيو آهي۔وارثن موجب خان محمد مڇي مارڻ دوران درياهه ۾ ڪري پيو، جنهن کان پوءِ پاڻي جي تيز وهڪري ۾ وهنجي ويو۔ سندس پٽ اياز گاڏهي ۽ ڳوٺاڻن ٻن ڏينهن کان لاش جي ڳولا جاري رکي آهي، پر تاحال ڪو به پتو نه پيو۔ٻئي پاسي درياهه ۾ لڙهي ويل خان محمد گاڏهي جي گهر ۾ غم ۽ ماتم جو ماحول قائم آهي، وارثن انتظاميا کان ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي آهي۔

پنھنجي راءِ لکو