وزير دفاع خواجه آصف چيو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان دهشتگردي ختم ڪرڻ تي متفق ٿي ويا آهن، اميد آهي ته هاڻي خطي ۾ امن واپس ايندو ۽ ٻنهي ملڪن جا تعلقات معمول تي اچي ويندا. الجزيره عربیہ کي ڏنل انٽرويو ۾ هنن تصديق ڪئي ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ جنگ بندی معاهدو طئي ٿي چڪو آهي، جنهن جو بنيادي مقصد ٻنهي ملڪن ۾ جاري دهشتگردي جي مسئلي جو خاتمو آهي. خواجه آصف قطر جي امير، ترڪ صدر ۽ ترڪي وفد جي سربراهه جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته قطر ۽ ترڪي جي ثالثي هن معاهدي جي ضمانت آهي. انهن مطابق ٻنهي ملڪن تسليم ڪيو آهي ته دهشتگردي ئي سرحدي تڪرار جي اصل سبب آهي، جنهن تي قابو پائڻ لاءِ اثرائتي قدمن جي ضرورت آهي.وفاقي وزير ٻڌايو ته دهشتگردي سالن کان پاڪستان ۽ افغانستان جي سرحدي علائقن کي متاثر ڪري رهي آهي، ۽ گذريل هفتي هي مسئلو سڌو سنئون تڪرار تائين پهچي ويو هو. پر هاڻي ٻنهي ملڪن هن نتيجي تي پهتا آهن ته دهشتگردي جو فوري خاتمو ضروري آهي. هن چيو ته معاهدي جي تفصيل کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ ايندڙ هفتي استنبول ۾ ٻيو اجلاس ٿيندو. افغان وزير دفاع پڻ تسليم ڪيو آهي ته دهشتگردي ئي تڪرار جو اصل سبب آهي، جنهن تي قابو پائڻ لاءِ اثرائتو طريقو ڪار طئي ڪيو ويندو ته جيئن ٻنهي ملڪن جا موجوده مسئلا حل ٿي سگهن. خواجه آصف چيو ته گذريل سالن ۾ وڏا جاني ۽ مالي نقصان ٿيا آهن، پر اميد آهي ته هاڻي امن واپس ايندو ۽ تعلقات معمول تي اچي ويندا.خواجه آصف وڌيڪ چيو ته پاڪستان-افغانستان تجارت ۽ ٽرانزٽ ٻيهر شروع ٿيندي، افغانستان پاڪستاني بندرگاهه استعمال ڪري سگهندو، ۽ جن افغان مهاجرن وٽ قانوني ويزا ۽ دستاويز آهن اهي پاڪستان ۾ رهي سگهن ٿا. پر غير قانوني مهاجرن جي واپسي جاري رهندي. هن چيو ته بارڊر جو استعمال پڻ باقاعده ٿيڻ گهرجي، جيئن دنيا جي ٻين ملڪن ۾ آهي. وفاقي وزير چيو ته خدشن جي خاتمي بابت هاڻي ڪجهه چوڻ وقتي طور تي اڳواٽ آهي، ايندڙ هفتن ۽ مهينن ۾ معاهدي تي عملدرآمد واضح ٿيندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته قطر ۽ ترڪي جي ثالثي سان ٻنهي ملڪن بهتر تعلقات سان اڳتي وڌندا ۽ خطي ۾ پائدار امن قائم ٿيندو.
