ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ) اي سيڪشن ٿاڻي جي حد نيو سبزي منڊي جي ويجهو پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ فائرنگ ٿي، جنهن دوران هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ پسٽل سميت گرفتار ڪيو ويو، جڏهنته سندس ٻيا ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. پوليس موجب ڏوهاري ڦر جي ارادي سان بيٺل هئا ۽ گشت دوران پوليس کي ڏسندي ئي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن تي ايس ايڇ او خليل احمد لغاري ۽ ٽيم جو مقابلو ٿيو. زخمي حالت ۾ گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ بخت عرف بختو پٽ علي نواز سبزوئي طور ٿي، جنهن جي قبضي مان پسٽل هٿ ڪيو ويو. جوابدار کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهنته هو سبزي منڊي، هيبت روڊ ۽ شهر ۾ ڌاڙن، اسٽريٽ ڪرائم، موٽر سائيڪل لفٽنگ ۽ ٻين وارداتن ۾ ملوث رهيو آهي. پوليس علائقي ۾ ناڪابندي ڪري سرچ آپريشن جاري رکيو آهي.
