: سوشل ميڊيا تي شاهاڻه زندگي جي نمائش سبب 20 کان وڌيڪ ماڻهو فيڊرل بورڊ آف روينيو (FBR) جي نظر ۾ اچي ويا آهن. اهي ماڻهو پنهنجي سوشل ميڊيا تي شاهانه زندگي ڏيکاريندا رهيا، پر پنهنجي انڪم ٽيڪس گوشوارن ۾ آمدني يا اثاثا ظاهر ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا.انٽيليجنس رپورٽون ريجنل ٽيڪس آفيسن ڏانهن موڪليون ويون آهن ۽ ٽيڪسز جي وصولي لاءِ جاچ ۽ ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي. رپورٽن موجب انهن 20 ڪيسن ۾ ڏکڻ پنجاب جي هڪ شخصيت شامل آهي، جنهن وٽ 19 مهانگيون ۽ جديد ماڊل گاڏيون آهن، جن جي گڏيل ماليت 62 ڪروڙ 40 لک روپيا آهي، جڏهن ته هن مالي سال 2020 جي پنهنجي گوشوارن ۾ رڳو هڪ گاڏي 10 لک روپين جي طور تي ظاهر ڪئي.انهن ڪيسن ۾ هڪ ڊجيٽل مواد ٺاهيندڙ ٽريول ولاگر به شامل آهي، جنهن ڪيترن ئي ملڪن جو سفر ڪيو پر پنهنجي FBR جي ريٽرنز ۾ صرف 4.90 لک روپين جي آمدني، 3.90 لک روپين خرچ، ۽ 10.90 لک روپين جا اثاثا ظاهر ڪيا. ايف بي آر جو مقصد اهڙن ماڻهن جي شاندار زندگي ۽ حقيقت ۾ انڪم جي فرق کي ٽريڪ ڪري ٽيڪس وصولي کي يقيني بڻائڻ آهي.
