اسلام آباد عدالت طرفان علي امين گنڊاپور جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

اسلام آباد جي عدالت خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن۔ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد ۾ جوڊيشل مئجسٽريٽ مبشر حسن شراب ۽ هٿيار هٿ اچڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جتي ڪيس جو سڏ هجڻ باوجود علي امين گنڊاپور عدالت ۾ پيش نه ٿيو۔ عدالت مسلسل غير حاضري تي وارنٽ جاري ڪندي پوليس کي حڪم ڏنو ته جوابدار کي گرفتار ڪري 28 آڪٽوبر واري ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ڪيو وڃي۔ ياد رهي ته علي امين گنڊاپور خلاف شراب ۽ غير قانوني هٿيار رکڻ جو ڪيس باره ڪهو ٿاڻي ۾ داخل آهي۔

پنھنجي راءِ لکو