پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف چيو آهي ته پنجاب تاريخ جي بدترين ٻوڏ کي منهن ڏنو، پر ڪنهن جي آڏو هٿ نه ڦهلايا ويا. حڪومت پنهنجي وسيلن سان عوام جي خدمت ڪندي، متاثرن جي عزت ۽ نفس جو مڪمل خيال رکيو. منهنجي موجودگي ۾ پنجاب جي عوام ڏانهن ڪوبه ميري اک سان نه ڏسي سگهندو.اهي ڳالهيون هن اوڪاڙا ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ فنڊز ڪارڊ ورهائڻ واري تقريب دوران خطاب ڪندي ڪيون. هن چيو ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي جي اڄ کان باقاعده شروعات ٿي رهي آهي. ٻوڏ سبب ڪچا گهر، فصلون ۽ مال متاع کي ڳرو نقصان رسيو.وزيراعليٰ چيو ته اڄ کان 15 ضلعن ۾ چيڪ ورهائڻ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي، ۽ واعدو ڪيو ويو هو ته جيستائين آخري متاثر شخص جي نقصان جو ازالو نه ٿيندو، آرام سان نه ويهنداسين. ٻوڏ جي 3 هفتن دوران پنجاب حڪومت، انتظاميا ۽ ڪابينه مسلسل عوام سان گڏ رهي.مريم نواز ٻڌايو ته ٻوڏ سروي لاءِ 10 هزار ماڻهن تي ٻڌل ٽيمون جوڙيون ويون، جن مان هر ڪنهن کان حلف ورتو ويو ته هو ايمانداري سان ڪم ڪندا. هن وقت تائين 70 سيڪڙو سروي مڪمل ٿي چڪي آهي.وزيراعليٰ وڌيڪ چيو ته ٻوڏ متاثرن کي ڪيمپن ۾ ٽن وقتن جو تيار ٿيل کاڌو فراهم ڪيو ويو، جتي تقريبن 12 کان 13 لک ماڻهن ۽ سندن جانورن جو علاج به ڪيو ويو.هن چيو ته پنجاب حڪومت ريسڪيو آپريشن لاءِ پنهنجي ئي وسيلن جو استعمال ڪيو. متاثر خاندانن کي کاڌو، ٽينٽ، علاج ۽ ٻي هر ضروري سهولت مهيا ڪئي وئي. متاثرين جي بحالي لاءِ 100 ارب رپين جو فنڊ مختص ڪيو ويو آهيمريم نواز واضع ڪيو ته ڪرپشن جي سمورن رستن کي بند ڪيو ويو آهي، ۽ اها رقم رڳو متاثرن تي ئي خرچ ٿيندي. متاثرن جي شڪايتن لاءِ هڪ مڪمل سسٽم به قائم ڪيو ويو آهي.هن وڌيڪ چيو ته اڄ تائين 70 هزار بينڪ اڪائونٽس کوليا ويا آهن، جن جي ذريعي متاثرن کي رقم منتقل ڪئي پئي وڃي. هڪ ڏينهن ۾ اي ٽي ايم ڪارڊ ذريعي 3 لک رپيا ڪڍڻ جي اجازت آهي، جڏهن ته ڪائونٽر تي 50 هزار رپيا نقد ملي سگهن ٿا.وزيراعليٰ ٻڌايو ته متاثرين کي ڪيمپن تائين آڻڻ ۽ واپس وٺي وڃڻ لاءِ مفت ٽرانسپورٽ جو انتظام ڪيو ويو آهي. پنجاب جي ڪنهن به علائقي ۾ فرق نه رکيو ويندو.آخر ۾ هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ پنجاب کي وڌيڪ وسيلا ڏئي ته جيئن اهي عوام جي قدمَن ۾ رکي سگجن.
