ڪنڌڪوٽ ۾ ٿاڻي بخشاپور جي حد اندر زور ڳڙهه جي علائقي ۾ هٿياربندن اندهاڌند فائرنگ ڪري ڏني، نتيجي ۾ هڪ نوجوان مارجي ويو جڏهنتہ ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا۔ فائرنگ کان پوءِ هٿياربند آساني سان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جنهن بعد علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو۔ جانبحق نوجوان جي وارثن لاش رکي انڊس هاءِ وي تي احتجاجي دهرڻو هنيو، جنهن سبب ٽريفڪ جي رواني معطل ٿي وئي ۽ رستن تي گاڏين جي ڊگهيون قطارون لڳي ويون۔ مظاهرين جو چوڻ هو ته پوليس واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام رهي آهي، جڏهنتہ احتجاج جوابدارن جي گرفتاري تائين جاري رهندو۔ پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ جو هي واقعو گولا جاکراني برادري جي ديرينه دشمني جو نتيجو آهي ۽ جاچ جاري آهي۔
