راولپنڊي جي دهشتگردي جي انت واري عدالت عليمه خان جا چوٿين ڀيري به ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي کيس گرفتار ڪري 24 آڪٽوبر تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت هن ڀيري سٽي پوليس آفيسر کي گرفتاري وارنٽ تي عمل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي. ٻڌڻي دوران عليمه خان جو ضامن محمد شريف عدالت ۾ پيش ٿيو، جنهن گذريل ٻڌڻي تي هڪ لک روپين جي ضمانتي گارنٽي ڏني هئي، پر عليمه خان جي عدم پيش ٿيڻ تي عدالت ضامن کي به 24 آڪٽوبر تائين جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. عدالت سپرنٽينڊنٽ پوليس سٽي کي گرفتاري وارنٽ تي عمل نه ڪرڻ تي توهين عدالت جو نوٽيس ۽ ڊي ايس پي نعيم ياسين کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو. ڊي ايس پي لکت ۾ چيو ته عليمه خان روپوش آهي، پر عدالت پوليس جي رپورٽ کي ڪوڙو قرار ڏيندي آءِ جي ڪي پي ۽ آءِ جي بلوچستان کي حڪم ڏنو ته ڪيس ۾ شامل چار گاڏيون ضبط ڪري عدالت ۾ پيش ڪيون وڃن. عدالت ڪيس ۾ شامل 85 لک روپين جا شورٽي بانڊ به ضبط ڪري ڇڏيا ۽ چيو ته جيڪڏهن عليمه خان روپوش آهي ته پوءِ اڊياله جيل ٻاهران سندس صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪيئن نشر ٿي آهي؟ عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 24 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
