اسلام آباد: پاڪستان جو هڪ اعليٰ سطحي ٽيڪنيڪي وفد افغانستان جي گادي واري هنڌ ڪابل پهچي ويو آهي، جيڪو افغانستان ۾ پاڪستاني ويزا نظام ۾ سڌارا آڻڻ بابت افغان اختيارين سان صلاح مشورا ڪندو. ذريعن موجب وفد ۾ گهرو وزارت، لاڳاپيل ادارن جا عملدار ۽ ٽيڪنيڪل ماهر شامل آهن. سفارتي ذريعن ٻڌايو ته وفد ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي ويزا نظام ۾ سڌارن جو جائزو وٺندو. هي دورو تازين پاڪ-افغان ڇڪتاڻ ۽ سرحدي جهيڙن کان اڳ طئي ٿيل هو، ۽ ان جو موجوده تڪرار يا ڪنهن عبوري جنگبندي سان ڪو به تعلق ناهي. ذريعن موجب ملاقاتن دوران آن لائين ويزا اجرائن، بائيو ميٽرڪ نظام ۾ سڌارا ۽ ٻين ٽيڪنيڪي معاملن تي ڳالهيون ڪيون وينديون. وفد جي دوري جو مقصد ويزا اجرائن واري عمل کي وڌيڪ شفاف، تيز ۽ مؤثر بڻائڻ آهي، جيئن ٻنهي ملڪن جي عوام کي سفر ۽ رابطن ۾ آساني پيدا ٿئي.
