پي ٽي آءِ باني چيئرمين عمران خان طرفان جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ واٽس ايپ ذريعي ڏنل 10 گواهن جي بيانن کي عدالت ۾ چيلينج ڪيو ويو آهي۔ عدالت ۾ جمع ڪرايل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته واٽس ايپ لنڪ تي رڪارڊ ڪيل بيانن جي ڪا به قانوني حيثيت ناهي، تنهنڪري ٻيهر جيل ٽرائل ختم ڪري اوپن ڪورٽ ۾ ڪارروائي ڪئي وڃي۔ درخواست ۾ چيو ويو آهي ته جن گواهن جا بيان ٻڌا ئي نه ويا آهن، انهن تي جرح به ممڪن ناهي، ان لاءِ انصاف جي تقاضائن کي پورو ڪرڻ لاءِ گواهن کي ٻيهر طلب ڪري سندن بيان نئين سر رڪارڊ ڪيا وڃن۔ عدالت درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي پراسيڪيوٽر کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو ۽ ڌرين جي وڪيلن کي 5 نومبر تي دليل پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي۔
