گوال منڊي علائقي ۾ شهري تي انسانيت سوز تشدد ڪندڙ مکيه ملزم کي پنهنجي ساٿين سميت گرفتار ڪري ورتو ويو آهي۔ گذريل ڏينهن 10 ملزمان هڪ شهري کي برهڻ ڪري ڊنڊن، پائيپن ۽ لاتن سان بہيمانه تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي۔ويڊيو منظرعام تي اچڻ بعد سي پي او سيد خالد همداني جي هدايت تي سٽي پوليس رات جو ڪریک ڊائون ڪندي مکيه ملزم سميت 6 ماڻهن کي گرفتار ڪيو۔ سي پي او موجب متاثر شهري رهائشي علائقي ۾ اسڪريپ گودام ٺاهڻ جي شڪايت ڪئي هئي، جنهن تي ملزمان حملو ڪيو۔پوليس موجب واقعو پهرين ڪنهن شڪايت جي بنياد تي درج نه ٿيو هو، پر ويڊيو منظرعام تي اچڻ بعد پوليس پنهنجي مدعيت ۾ ڪيس درج ڪري ڪارروائي ڪئي۔ فوٽيج ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته متاثر شهري لهولاهان حالت ۾ ملزمان کان رحم جي منتون ڪندو رهيو، پر ڪنهن به ملزم تي رحم نه ٿيو۔ پوليس چيو آهي ته تشدد ۾ ملوث ڪو به شخص قانون جي گرفت کان بچي نه سگهندو۔
