اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سپرنٽينڊنٽ اڊياله جيل کي حڪم ڏنو آهي ته سلمان اڪرم راجه جي فهرست ۾ شامل ماڻهن کي عمران خان سان ملاقات ڪرائي وڃي۔جسٽس سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس اعظم خان تي ٻڌل بينچ عمران خان سان جيل ۾ ملاقاتن بابت داخل درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي۔ ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب امجد پرويز، عمران خان جي وڪيل سلمان اڪرم راجه ۽ سپرنٽينڊنٽ اڊياله جيل عدالت ۾ پيش ٿيا۔ ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب موقف اختيار ڪيو ته سنگل رڪني بينچ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ڇو ته جن رولز کي معطل ڪيو ويو، اهي وفاق جا رولز نه پر پنجاب جي جيلن سان لاڳاپيل آهن، 18هين ترميم کان پوءِ اهي صوبائي حيثيت اختيار ڪري چڪا آهن۔ سلمان اڪرم راجه دليل ڏيندي چيو ته عدالتي حڪمن تي عمل نٿو ٿئي، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي ملاقات بابت درخواست به داخل آهي، پر 24 مارچ واري عدالتي حڪم تي اڃا تائين عملدرآمد ناهي ٿيو۔ عمران خان جي وڪيل وڌيڪ چيو ته هر ڀيري ملاقات لاءِ نالا جمع ڪرائڻ باوجود اجازت نٿي ملي، ۽ لسٽ ۾ غيرمتعلق ماڻهو شامل ڪري ڇڏيا ويندا آهن۔سپرنٽينڊنٽ اڊياله جيل عدالت کي ٻڌايو ته باقاعده ملاقاتون ٿيون آهن ۽ سلمان اڪرم راجه جي طرفان ڪابه لسٽ وصول نه ٿي آهي۔عدالت سپرنٽينڊنٽ اڊياله جيل کي حڪم ڏنو ته 24 مارچ جي حڪم تي عمل ڪيو وڃي ۽ سلمان اڪرم راجه طرفان ڏنل فهرست ۾ شامل ماڻهن کي عمران خان سان ملاقات جي اجازت ڏني وڃي۔
