نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪ فضائيه جي بنياد رکڻ ۾ پولينڊ اهم ڪردار ادا ڪيو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي ۽ منفرد تعلق قائم آهي۔ اسلام آباد ۾ پاڪستان ۽ پولينڊ جي نائب وزيراعظمن گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي، جنهن دوران اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان پولينڊ سان لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، تعاون ۽ ڀائيواري کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جا وسيع موقعا موجود آهن۔ هن چيو ته نائب وزيراعظم پولينڊ رادوسواف سيڪورسڪي جي دوري جي آجيان ڪريون ٿا، جڏهنته ڳالهين دوران ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي اتفاق ٿيو۔ ان موقعي تي افغان سرزمين تان ٿيندڙ دهشتگردي ۽ علائقائي سلامتي جا معاملا به غور هيٺ آيا، ۽ ٻنهي ملڪن دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ تعاون وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو۔ اسحاق ڊار ٻڌايو ته پولينڊ جي نائب وزيراعظم ڀارتي جارحيت تي ڳڻتي ظاهر ڪئي ۽ ڪشمير تي پاڪستان جي اصولي موقف جي حمايت ڪئي۔پريس ڪانفرنس کان اڳ ٻنهي ملڪن ۾ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحن جي تقريب ٿي، جنهن ۾ انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽيڊيز ۽ پولش انسٽيٽيوٽ آف انٽرنيشنل افيئرز جي وچ ۾ معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون، ۽ ٻنهي ملڪن جا نائب وزيراعظم ان موقعي تي موجود هئا۔انهي کان اڳ پولينڊ جو نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير رادوسواف سيڪورسڪي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهتو، جتي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سندس وزارت ۾ آجيان ڪئي۔ ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ علائقائي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي۔ ترجمان موجب، رادوسواف سيڪورسڪي جو دورو پاڪستان ۽ پولينڊ جي لاڳاپن ۾ هڪ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو عزم ڏيکاري ٿو۔گذريل جولاءِ ۾ وارسا ۾ ٿيل نائين ٻطرفي سياسي مشاورت ۾ پاڪستان ۽ پولينڊ اعليٰ سطحي دورن، پارلياماني رابطن ۽ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو هو، جتي خطي ۽ عالمي حالتن سميت ڏکڻ ايشيا، وچ اوڀر ۽ يورپ جي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي هئي۔ گڏيل فيصلي موجب، ايندڙ ڳالهين جو دور 2026 ۾ اسلام آباد ۾ ٿيندو۔
