بلوچستان جي ضلعي مستونگ ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ گم ٿيل ڊي ايس پي نوشڪي يوسف ريڪي جو لاش اڄ صبح هٿ آيو آهي۔پوليس ذريعن موجب آفيسر کي نامعلوم هٿياربندن اغوا ڪرڻ بعد فائرنگ ڪري شهيد ڪيو، جنهن سان صوبي ۾ وڌندڙ سيڪيورٽي چيلنجز وڌيڪ اجاگر ٿي ويا آهن۔پوليس مطابق ڊي ايس پي يوسف ريڪي ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات نوشڪي مان ڪوئٽه ڏانهن روانو ٿي رهيو هو، جڏهن مستونگ جي علائقي ڪرد گاپ ۾ نامعلوم ماڻهن کيس اغوا ڪري ورتو۔ اغوا وقت هو پنهنجي ذاتي گاڏي ۾ اڪيلو سفر ڪري رهيو هو۔اڄ صبح ڪرد گاپ ڀرسان ڪلي شربت خان مان سندس لاش هٿ آيو، جنهن تي ويجهي کان فائرنگ جا نشان هئا۔ پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي شاهديون گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون، جن ۾ گولين جا خول ۽ ٻيو فرانزڪ مواد شامل آهي۔شروعاتي جاچ موجب ڊي ايس پي کي اغوا بعد سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو ۽ پوءِ سينو ۾ فائر ڪري شهيد ڪيو ويو۔ لاش کي مستونگ ضلعي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي پوسٽ مارٽم جاري آهي۔پوليس اختيارين موجب واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ علائقي ۾ ڇاپا هنيا پيا وڃن۔
