ي ايس ايل فرنچائز ملتان سلطانز جو مالڪ علي ترين پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان موڪليل ليگل نوٽيس ڦاڙي ڇڏيو۔

پنهنجي ويڊيو بيان ۾ علي ترين ٻڌايو ته نوٽيس ۾ انهن کان تنقيدي بيان واپس وٺڻ ۽ معافي گهرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، ساڳي وقت معاهدو ختم ڪرڻ ۽ بليڪ لسٽ ڪرڻ جون ڌمڪيون به ڏنيون ويون آهن۔ علي ترين واضح ڪيو ته هو اهڙين ڌمڪين سان خاموش نه رهندا ۽ چيو ته جيڪڏهن اوهان سمجهو ٿا ته مان دٻاءَ هيٺ اچي چپ ٿي ويندس ته اها اوهان جي وڏي غلط فهمي آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته کيس پي ايس ايل سان بي حد محبت آهي، ڇو⁠ته هيءَ ليگ سڄي پاڪستان جي نمائندگي ڪري ٿي، پر افسوس جو پي سي بي اڃا تائين انهن سان ڪنهن به قسم جو سڌو رابطو نه ڪيو آهي۔ علي ترين موجب هو مسئلن جي حل لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لاءِ تيار آهن، پر افسوس سان گڏ چوڻ ٿو پوي ته پي سي بي طرفان نه ڪا ڪال ڪئي وئي آهي ۽ نه ئي ڪا اي ميل موڪلي وئي آهي

پنھنجي راءِ لکو