پاڪستان پهريون ڀيرو آمريڪا ڏانهن انڊن جي ايڪسپورٽ شروع ڪري ڇڏي آهي، جيڪا ملڪي برآمدات لاءِ هڪ اهم پيش رفت طور ڏٺي پئي وڃي۔ محکمه قرنطينه حيوانيات موجب، يکم جولاءِ 2025 کان اڄ تائين آمريڪا ڏانهن 18 لک 99 هزار 240 درجن انڊا برآمد ڪيا ويا آهن، جن جي ماليت 2.37 ملين آمريڪي ڊالر آهي۔ مجموعي طور مالي سال 2024-25 دوران پاڪستان مان 18.25 ملين ڊالر جا انڊا ايڪسپورٽ ٿيا، جيڪي گذريل سال جي 14 ملين ڊالر جي ڀيٽ ۾ نمايان اضافو آهن۔ اعدادن ۽ شماريات موجب پاڪستان مان انڊن جون برآمدات متحده عرب امارات، بحرين، هانگ ڪانگ، ڪويت، قطر، سوماليا ۽ افغانستان سميت ڪيترن ئي ملڪن ڏانهن به جاري آهن۔ محکمه قرنطينه موجب متحده عرب امارات ڏانهن 17.22 ملين ڊالر، هانگ ڪانگ ڏانهن 5.44 لک ڊالر، بحرين ڏانهن 3.29 لک ڊالر، ڪويت ڏانهن 3.16 لک ڊالر، سوماليا ڏانهن 2.41 لک ڊالر ۽ افغانستان ڏانهن 1.07 ملين ڊالر جا انڊا برآمد ڪيا ويا۔ وڌيڪ ڄاڻايو ويو ته مالي سال 2024-25 دوران 1169 ميٽرڪ ٽن انڊا محلول جي صورت ۾ به برآمد ڪيا ويا، جن جي ماليت 26 لک 12 هزار 930 آمريڪي ڊالر رهي۔ ماهرن موجب، ان برآمد ۾ اضافو پاڪستان جي زرعي ۽ لائيو اسٽاڪ صنعت لاءِ هڪ خوش آئند اڳڀرائي آهي، جيڪا زرمبادله جي ذخيري ۾ اضافي جو سبب بڻجندي۔
