اسلام آباد ۾ ايس پي انڊسٽريل ايريا عديل اڪبر جي مبينه خودڪشي جي معاملي جي جاچ لاءِ اعليٰ سطحي ٽيم ٺاهي وئي آهي۔ ذريعن موجب ٽيم جي سربراهي ڊي جي سيف سٽي هارون جويه ڪندو، جڏهن ته ڊي آءِ جي آپريشنز جواد طارق ۽ ڊي آءِ جي سيڪيورٽي عتيق طاهر ٽيم جا ميمبر هوندا۔ ٽيم عديل اڪبر جي ڊرائيور ۽ آپريٽر کان جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ سيف سٽي جون سڀئي فوٽيجز به حاصل ڪري ورتيون ويون آهن۔ ذريعن جو چوڻ آهي ته جاچ پوسٽ مارٽم رپورٽ ۽ فرانزڪ ثبوتن جي بنياد تي اڳتي وڌائي ويندي، جڏهن ته اهو به معلوم ڪيو پيو وڃي ته خودڪشي کان اڳ ايس پي عديل اڪبر ڪنهن سان فون تي ڳالهائي رهيو هو۔ ياد رهي ته گذريل ڏينهن عديل اڪبر سرينا هوٽل ويجهو ڊيوٽي دوران پنهنجي ساٿي اهلڪار کان پسٽل وٺي پاڻ کي گولي هڻي ڇڏي هئي۔ ذريعن موجب هن هڪ فون ڪال کان ٿوري دير پوءِ اهو قدم کنيو۔ پوسٽ مارٽم مڪمل ٿيڻ بعد سندس نمازِ جنازه پوليس لائينز ۾ ادا ڪئي وئي ۽ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو۔
