دفاع واري وزير خواجه آصف قومي فضائي ڪمپني پي آءِ اي جي برطانيه فلائٽ آپريشن جي بحالي جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب، قومي ايئرلائن جا برطانيه لاءِ اڏامون 5 سالن کان پوءِ بحال ٿي ويون آهن، جنهن سلسلي ۾ خواجه آصف افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪندي اسلام آباد کان مانچسٽر لاءِ پهرين اڏام کي روانو ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي خواجه آصف چيو ته برطانيه جي سول ايوي ايشن سان پابندي ختم ٿيڻ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن جو نتيجو آهي، جنهن ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۽ برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته جعلي پائلٽ لائسنس اسڪينڊل سبب پي آءِ اي ۽ حڪومت کي وڏو نقصان ٿيو، پر معيار ۽ ساک کي بحال ڪرڻ لاءِ موثر قدم کنيا ويا آهن. ان موقعي تي برطانيه ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر محمد فيصل چيو ته قومي ايئرلائن جي بحالي خوشي جوڳي پيشرفت آهي ۽ جلد ئي برطانيه جي ٻين شهرن ڏانهن به اڏامون شروع ٿيڻ جو امڪان آهي.
