سارين جا اگهه مناسب نه ملڻ خلاف جسقم ڪشمور جو احتجاج هارين لاءِ سرڪاري سپورٽ پرائس جو مطالبو

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ) — جسقم ضلعي ڪشمور طرفان سارين جا اگهه مناسب نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاج جي اڳواڻي ضلعي صدر والي ڏنو سنڌي، آڪاش نائچ، حفيظ سنڌي، بشام سنڌي، مير خان مزاري، شرف الدين، هدايت الله جکراڻي، ديشي نصيب الله، ديشي شاهه گل، بشير خان ۽ نبي بخش آفتاب سميت ٻين ڪئي. احتجاج ڪندڙ اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جا هاري هن وقت انتهائي ڏکين حالتن مان گذري رهيا آهن، ڇاڪاڻ⁠تہ سارين جي فصل جو مناسب اگهه نٿو ملي. پيداوار تي خرچ وڌي ويو آهي، پر مارڪيٽن ۾ خريد ڪندڙن طرفان اگهه تمام گهٽ ڏنا پيا وڃن، جنهن سبب هارين کي وڏو معاشي نقصان ٿي رهيو آهي. اڳواڻن حڪومتِ سنڌ ۽ وفاقي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي سارين لاءِ سرڪاري سپورٽ پرائس جو اعلان ڪيو وڃي، منڊي مافيا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ هارين کي سندن محنت جو واجب معاوضو ڏياريو وڃي. انهن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن حالتون اهڙيون ئي رهيون ته ايندڙ فصلن ۾ هاري پوکڻ کان مجبور ٿي پوندا، جيڪو زرعي معيشت لاءِ وڏي تباهي جو سبب بڻجي سگهي ٿو۔

پنھنجي راءِ لکو