مهراڻ ٿاڻي جي ايس ايڇ او تي طلاقيل عورت سان مبينه زيادتي جو الزام، ڪيس داخل، صوبائي وزيرن جو نوٽيس

 طلاقيل عورت عاليا بيگم سان ايس ايڇ او مھراڻ ٿاڻو خادم علي ٽالپر پاران مبينه لڄالٽ معاملي جو  عورت جي فرياد تي ايس ايڇ او مٿان وومين ٿاڻي تي ڪيس داخل، آن لائن انڊس نيوز عورت جو وڊيو بيان ھٿ ڪري ورتو. مبينه زيادتي جي نشانو بڻيل طلاقيل عورت عاليا بيگم پنھجي وڊيو بيان ۾ چيو ته عمرڪوٽ واسي محمد رمضان سان شادي ٿيل ھئي جنھن مان ھڪ نياڻي 6 سالن جي عليشا آھي جڏھن ت ڏيڍ سال اڳ مڙس پاران طلاق ڏيڻ بعد نياڻي جي حوالگي جي حوالي سان ميرپورخاص جي عدالت ۾ ڪيس ڪيو جنھن بعد عدالتي حڪم تي نياڻي کي حاصل ڪرڻ لاء آئون پنھجي مامي جاويد سان گڏ مھراڻ ٿاڻي تي ويس.عورت ٻڌايو ته ايس ايڇ او مونکان موبائيل نمبر ورتو چيو اوھان گھر وڃو اوھان کي فون ڪري ٻڌايان ٿو جنهن بعد رات جو ايس ايڇ او خادم ٽالپر فون ڪري ٿاڻي تي گھرايو مامي جاويد سان گڏ رات جو 10 وڳي ٿاڻي تي پھتس جتي ايس ايڇ او خادم ٽالپر مامي کي آفيس ۾ ويھاري مونکي چيو ته اوھان مون سان گڏ ھلو اوھان جي نياڻي کي ھٿ ڪريون ٿا ڪار ۾ ويھاري ھڪ نامعلوم جگھ م وٺي ويو جتي ڪمري ۾ وڃڻ بعد لائٽ بند ڪري مونکي ڌمڪائڻ لڳو ت مون سان ھمبستري ڪر ٻي صورت تنھجي نياڻي جي حوالگي واري ڪيس کي رد ڪري ڇڏيندس آئون ڊڄي ويس جنهن بعد ايس ايڇ او مون سان زيادتي ڪئي  جنھن بعد ٻيھر فون ڪري ڊرائيور کي گھرايو ۽ ڪار ۾ پڻ ڌمڪائيندو رھيو  مون گھر پھچي مامي سان حقيقت ڪئي جنھن بعد اسان ڊي آئي جي ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص وٽ پھچي شڪايت ڪئي.ڄاڻايل عملدارن ايس ايڇ او خادم ٽالپر کي گھرايو پر ھو مڃي نه رھيو ھو جنھن تي عملدارن کيس ميڊيڪل ڪرائڻ جو چيو جنهن تي ايس ايڇ او غلطي تسليم ڪري معافي گھرڻ لڳو جڏھن ته وومين پوليس پاران سول اسپتال مان منھجو ميڊيڪل ڪرايو آھي ايس ايڇ او جو ميڊيڪل ٿيو آھي يا نه مونکي ڄاڻ ناھي مون اھڙو ڪيس  وومين ٿاڻي تي داخل ڪرايو آھي جنھن جي رپورٽ اڄ اچڻي آھي ، ياد رھي تھ هن معاملي جو گھرو وزير ضياء لنجار ۽ صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاه پاران نوٽس وٺڻ بعد معاملي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي

پنھنجي راءِ لکو