پاڪ افغان ڇڪتاڻ سبب چمن، خيبر، ڏکڻ ۽ اتر وزيرستان سميت ضلعي ڪرم جا سرحدي رستا 13هين ڏينهن به بند آهن، جنهن ڪري ٻنهي طرفن کان واپار مڪمل طور تي متاثر ٿي ويو آهي۔ بابِ دوستي، طورخم، خرلاچي، انگور اڊه ۽ غلام خان سرحدن تي سوين مال سان ڀريل گاڏيون ڦاٿل آهن، جڏهن ته چمن ۾ بابِ دوستي جي گيٽ 4 ذريعي رڳو افغان شهرين کي کڻي ويندڙ گاڏين کي افغانستان وڃڻ جي اجازت ڏني پئي وڃي۔ اختيارين موجب هن دوران 10 هزار افغان شهرين کي واپس اماڻيو ويو آهي ۽ 1200 خالي ڪنٽينرز پاڪستان ۾ داخل ٿيا آهن، جڏهن ته متاثر واپاري روٽن تان ملبو اڃا تائين نه هٽايو ويو آهي۔ بابِ دوستي کلڻ جي صورت ۾ ٽرانزٽ ڪنٽينرز کي مرحليوار بحال ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي۔ ان دوران سرحدن جي ٻنهي طرفن ڦاٿل ٽرڪن ۾ گوشت، فروٽ، سبزيون ۽ جوس خراب ٿيڻ لڳا آهن، جڏهن ته خيبر ۾ طورخم، ڏکڻ وزيرستان ۾ انگور اڊه، اتر وزيرستان ۾ غلام خان ۽ ضلعي ڪرم ۾ خرلاچي سرحد جي بندش سبب ڪارگو گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون آهن۔
