ترجمان دفترِ خارجہ موجب وزيراعظم شهباز شريف سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي دعوت تي 27 کان 29 آڪٽوبر تائين سعودي عرب جو دورو ڪندو۔ وزيراعظم سان گڏ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ ڪابينا جا سينيئر ميمبر به همراهي ڪندا۔ پنهنجي دوري دوران وزيراعظم رياڌ ۾ ٿيندڙ “مستقبل سيڙپڪاري ڪانفرنس” جي نائين ايڊيشن ۾ شرڪت ڪندا، جنهن جو موضوع آهي “خوشحالي جي ڪنجي، ترقي جي نون حدن جو انڪشاف”۔ ترجمان موجب ڪانفرنس ۾ عالمي اڳواڻ، سيڙپڪار، پاليسي ساز ۽ موجد شرڪت ڪندا، جتي اختراع، پائيداري، معاشي شموليت ۽ جغرافيائي تبديليءَ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿيندي۔ وزيراعظم سعودي اختيارين سان واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ افرادي وسيلن جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي خيالن جو ڏي لاپ ڪندا، جڏهنتہ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به ڳالهيون ٿينديون۔ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته وزيراعظم پنهنجي دوري دوران ٻين ملڪن جي اڳواڻن ۽ بين الاقوامي تنظيمن جي سربراهن سان ملاقاتون ڪندو، جن ۾ پاڪستان جي سيڙپڪاري جي صلاحيت، معاشي موقعن ۽ پائيدار ترقي جي وژن کي اجاگر ڪيو ويندو۔
