چشتيان ۾ زهريلو گوشت وڪڻندڙ گينگ گرفتار جانورن کي زهر ڏئي سستو گوشت وڪرو ڪيو ويندو هو

پنجاب جي شهر چشتيان ۾ پوليس مضرِ صحت گوشت وڪڻندڙ گينگ جي پنجن قصائن کي گرفتار ڪري ورتو آهي۔ پوليس موجب ملزمان ماڻهن جي جانورن کي زهر ڏئي ماري ڇڏيندا هئا ۽ پوءِ انهن کي سستا ڀاؤن تي خريد ڪري گوشت وڪرو ڪندا هئا۔ ڪارروائي دوران پوليس کي ملزمان جي قبضي مان اهو ڪيميڪل به مليو جيڪو جانورن کي زهر ڏيڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو۔ پوليس اختيارين ٻڌايو ته گرفتار ٿيل ملزمان خلاف مقدمو داخل ڪيو ويو آهي۔ گينگ سڄي شهر ۾ زهريلو گوشت وڪرو ڪري رهيو هو، ڪيترن ئي شهرين جي شڪايتن تي ڊي پي او خاص ٽيم ٺاهي، جنهن مختصر وقت ۾ ڪارروائي ڪندي پنجئي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو۔ ان کان اڳ ڪراچي جي علائقي فيڊرل بي ايريا ۾ به پوليس ڪارروائي ڪندي مرده مرغي جو گوشت فراهم ڪندڙ ٻن ماڻهن کي گرفتار ڪيو هو۔ ڪارروائي موسيٰ ڪالوني ڀرسان ريلوي ڦاٽڪ وٽ هڪ گودام مان ڪئي وئي، جتان 80 ڪلو کان وڌيڪ مرده مرغي جو گوشت هٿ آيو۔ گرفتار ٿيل انور عرف علي بنگالي ۽ ڪمال شهر جي مختلف هوٽلن ۽ فاسٽ فوڊ پوائنٽن تي اهو گوشت پهچائيندا هئا۔ پوليس ٻنهي خلاف مقدمو داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي۔