آزاد ڪشمير حڪومت جي تبديلي جو فيصلو بلاول ڀٽو جو هو صدر آصف زرداري جو انڪشاف

ايونِ صدر ۾ پيپلز پارٽي آزاد ڪشمير جي اهم گڏجاڻي جي اندرين ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي۔ صدرِ مملکت آصف علي زرداري انڪشاف ڪيو ته آزاد ڪشمير ۾ حڪومت جي تبديلي جو فيصلو چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري ڪيو۔ ذريعن موجب اجلاس جي شروعات ۾ ئي صدر زرداري اعلان ڪيو ته “چيئرمين پيپلز پارٽي آزاد ڪشمير ۾ حڪومت قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي”۔ اعلان کان پوءِ ڪجهه ميمبرن “جيئي ڀٽو” جا نعرا هنيا۔ پنهنجي مختصر خطاب ۾ آصف علي زرداري چيو ته آزاد ڪشمير ۾ حڪومت سازي جو فيصلو غيرمعمولي نوعيت جو آهي، پيپلز پارٽي مشڪل حالتن ۾ حڪومت سنڀالي رهي آهي ۽ هي فيصلا پارٽي سميت سڀني ميمبرن لاءِ وڏي ذميواري آهي۔ صدر زرداري يقين ظاهر ڪيو ته پيپلز پارٽي ماضي وانگر هن ڀيري به بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندي۔

پنھنجي راءِ لکو