لاهور پنجاب حڪومت سياري جي موسم ۽ وڌندڙ اسموگ جي شدت سبب صوبي ڀر جي سرڪاري ۽ نجي اسڪولن جي وقتن ۾ تبديلي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي۔ تعليم واري وزير رانا سڪندر حيات موجب نئون شيڊول سومر، 27 آڪٽوبر 2025ع کان لاڳو ٿيندو۔ سنگل شفٽ وارا اسڪول صبح 8:45 کان منجھند 1:30 تائين هلندا، جڏهن ته جمعي ڏينهن موڪل 12:30 تي ٿيندي۔ ڊبل شفٽ وارن اسڪولن ۾ پهرين شفٽ صبح 8:45 کان 1:30 تائين ۽ ٻي شفٽ 1:00 کان 4:00 تائين جاري رهندي۔ استادن کي صبح 8:30 تي اسڪول ۾ رپورٽ ڪرڻي پوندي ۽ منجھند 2:00 تائين ڊيوٽي انجام ڏيڻي پوندي، جڏهن ته جمعي ڏينهن ڊيوٽي 12:30 تي ختم ٿيندي۔ متبادل هفتن ۾ اسڪول صبح 9:00 کان منجھند 12:00 تائين کوليا ويندا۔ وزيرِ تعليم جو چوڻ هو ته اهو فيصلو موسم جي خراب ٿيندڙ حالتن ۽ وڌندڙ اسموگ کي نظر ۾ رکندي هڪ حفاظتي قدم طور کنيو ويو آهي ته جيئن سياري جي ٿڌين صبحن ۾ شاگردن ۽ عملي جي صحت ۽ حفاظت کي يقيني بڻائي سگهجي۔ هن وڌيڪ ٻڌايو ته سرڪاري نوٽيفڪيشن جلد ئي پنجاب اسڪول ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ طرفان جاري ڪيو ويندو، جنهن کان پوءِ نئون شيڊول باقاعدي لاڳو ٿي ويندو۔
