پي ٽي اي جو آن لائين نوڪري ڳولڻ وارن لاءِ انتباه جعلي اشتهارن کان خبردار رهو

پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) آن لائين نوڪري ڳولڻ وارن شهريَن لاءِ اهم پيغام جاري ڪندي خبردار ڪيو آهي ته اهي ڌوڪيبازن کان محتاط رهن جيڪي جعلي نوڪرين جا اشتهار ڏئي ماڻهن کان رقم ۽ ذاتي ڄاڻ حاصل ڪن ٿا۔پي ٽي اي موجب سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي هر نوڪريءَ جي پيشڪش سچي نه هوندي، ڪيترائي اسڪيمنرز وڌيڪ پگهار، آسان ڪم جا وقت يا بيرون ملڪ موڪلڻ جو لالچ ڏئي شهريَن کي دوکي ۾ آڻين ٿا۔اٿارٽي چيو ته اهڙا ايجنٽ مختلف ڪمپنين جا نالا استعمال ڪري نوجوانن کي آن لائين نوڪريءَ جي پيشڪش ڪن ٿا، جڏهن⁠ته سروے يا تحقيق جي نالي تي انهن جون تصويرون ۽ لوڪيشن حاصل ڪري بعد ۾ انهن ڄاڻين کي ملڪ ۽ شهريَن جي خلاف منفي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو۔پي ٽي اي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته جيڪڏهن ڪو نوڪريءَ جو اشتهار غير معمولي طور تي پرڪشش لڳي، ڀرتي ڪندڙ صرف واٽس ايپ تي رابطو ڪري، پنهنجو نالو يا سڃاڻپ ظاهر نه ڪري، غير ضروري معلومات جهڙوڪ سڃاڻپ ڪارڊ نمبر يا گهر جو پتو طلب ڪري، لنڪ يا ايپس ڊائونلوڊ ڪرائڻ تي زور ڏئي يا لوڪيشن گهري ته فوراً خبردار ٿي وڃو ۽ اهڙي سرگرمي جي اطلاع اختيارين کي ڏيو۔

پنھنجي راءِ لکو