گارڊن ٽائون ۾ تيز رفتار ڊمپر فوڊ رائيڊر کي چيڀاٽي ڇڏيو 19 ورهين جو فيضان فوت

لاهور گارڊن ٽائون واري علائقي ۾ تيز رفتار ڊمپر جي ٽڪر سبب 19 ورهين جو فوڊ رائيڊر فوت ٿي ويو۔ پوليس موجب فوتي نوجوان جي سڃاڻپ فيضان نالي سان ٿي آهي، جيڪو رحمان پورہ مسلم ٽائون جو رهواسي هو۔ حادثو گارڊن ٽائون انڊر پاس جي ويجهو پيش آيو، جتي تيز رفتاري سبب ڊمپر موٽرسائيڪل سوار فيضان کي ٽڪر هنئي، جنهن جي نتيجي ۾ هو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو۔ پوليس جو چوڻ آهي ته حادثي کان پوءِ ڊمپر ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو، جنهن جي سڃاڻپ لاءِ سي سي ٽي وي ۽ سيف سٽي ڪئمرن جي مدد ورتي پئي وڃي۔ پوليس ڊمپر کي تحويل ۾ وٺي ايف آءِ آر داخل ڪري ڇڏي آهي، جڏهن⁠ته ڊرائيور جي گرفتاري لاءِ ڪاروائيو جاري آهن۔

پنھنجي راءِ لکو