پشاور شاگردن جي گهٽ داخلا سبب 9 شعبن جا انڊرگريجوئيٽ پروگرام بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي۔ انتظاميا ان سلسلي ۾ باضابطه اعلاميو به جاري ڪري ڇڏيو آهي۔اعلاميي موجب جن شعبن جا پروگرام بند ڪيا ويا آهن، انهن ۾ جيوگرافي، هسٽري، هوم اڪنامڪس ۽ ٻيا ڊپارٽمينٽ شامل آهن۔ انتظاميا جو چوڻ آهي ته جن شعبن ۾ 15 کان گهٽ شاگردن داخلا ورتو، انهن جا پروگرام بند ڪيا ويا آهن، جڏهنته ڪجهه شعبن ۾ صرف 1، 2 يا 3 شاگردن داخلا ورتو هو۔
جامعه انتظاميا لاڳاپيل شاگردن کي هدايت ڪئي آهي ته هو پنهنجي داخلا ۽ منتقلي سان لاڳاپيل معاملا طئي ڪرڻ لاءِ فوري طور انتظاميا سان رابطو ڪن۔
