شيخوپوره ۾ ٽرڪ جي ٽڪر سان اسڪول بس نالي ۾ ڪري پئي 21 ٻار زخمي

شيخوپوره — شاهين ولاز سيم پل بائي پاس تي هڪ المناڪ حادثو پيش آيو، جتي تيز رفتار ٽرڪ اسڪول بس سان ٽڪرائجي وئي جنهن سبب بس نالي ۾ ڪري پئي ۽ 21 ٻار زخمي ٿي پيا۔ريسكيو عملدارن موجب امدادي ڪارروايون فوراً شروع ڪيون ويون ۽ سڀئي ٻار محفوظ طريقي سان ٻاهر ڪڍيا ويا۔ ست ٻارن کي هلڪي زخمن جي علاج لاءِ واقعي واري هنڌ تي طبي امداد ڏني وئي، جڏهن⁠ته 15 زخمي ٻارن کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو۔پوليس موجب حادثي جي جاچ جاري آهي، جڏهن⁠ته ٽرڪ ڊرائيور واقعي کان پوءِ فرار ٿي ويو جنهن جي ڳولا جاري آهي۔ياد رهي ته تازو ئي ڪراچي جي ناظم آباد علائقي ۾ اسڪول وين ۾ اوچتو باهه لڳي وئي هئي، جنهن سبب 6 ٻار سڙي زخمي ٿي پيا هئا۔ ريسڪيو اختيارين موجب باهه وين جي گرم ٿيڻ ۽ شارٽ سرڪٽ سبب لڳي هئي۔

پنھنجي راءِ لکو