ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد پي ٽي آءِ باني عمران خان کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ يا وڊيو لنڪ ذريعي پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي۔ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج محمد افضل مجوڪا پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي جي خلاف 9 مئي واقعو ۽ ٻين 5 ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي۔ عدالت کي اطلاع ڏنو ويو ته اڊياله جيل اختيارين شوڪاز نوٽيس جو جواب جمع نه ڪرايو آهي۔عدالت 25 نومبر تائين عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي۔ياد رهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان جي خلاف 9 مئي، قتل جو ارادو ۽ جعليرسيدن سميت ڪيترائي ڪيس داخل آهن، جڏهن ته بشريٰ بي بي تي مبينه طور جعلي رسيدون جمع ڪرائڻ جو ڪيس پڻ داخل ٿيل آهي۔
