ڊڪي ڀاءِ کان رشوت وٺڻ واري اين سي سي آءِ اي جا ڇهه آفيسر ٽي ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي

مقامي عدالت يوٽيوبَر ڊڪي ڀاءِ کان رشوت وٺڻ جي الزام ۾ ملوث نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (NCCIA) جي ڇهن آفيسرن کي ٽي ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو۔ ايف آءِ اي ملزمن کي جوڊيشل مجسٽرٽ نعيم وٽو جي عدالت ۾ پيش ڪندي موقف اختيار ڪيو ته آفيسرن يوٽيوبَر جي زال کان 90 لک رپيا رشوت طور ورتا۔ عدالت ٻنهي ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ايف آءِ اي جي درخواست منظور ڪندي ٽي ڏينهن جو جسماني ريمانڊ ڏنو ته جيئن مبينا رشوت جي رقم برآمد ڪري سگهجي ۽ وڌيڪ جاچ مڪمل ڪئي وڃي۔ ريمانڊ تي ڏنل آفيسرن ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر چوڌري سرفراز، ظفر، شعيب رياض، علي رضا، مجتبيٰ ظفر ۽ ياسر شامل آهن۔

پنھنجي راءِ لکو