اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اين اين ايف) راولپنڊي ڀيڙيا ڪلاں روڊ، قصور جي ويجهو ڪارروائي ڪندي ٻه اسمگلر گرفتار ڪري ورتا۔ ڪارروائي دوران ملزمن جي گاڏي مان 9 ڪلو هيروئن، ڪواڊ ڪاپٽر ڊرون ۽ مختلف اوزار برآمد ٿيا۔ اين ايف ترجمان موجب ملزمن منشيات گاڏي جي ڳجهن خانن ۽ سامان ۾ لڪائي رکي هئي۔ وڌيڪ چيو ويو ته لاهور جي علائقي علامه اقبال ٽائون ۾ قائم ڊرون ٺاهيندڙ يونٽ مان جديد ڊرون به هٿ آيو، جڏهنته ڪمپني جو هيڊ آف فنانس موقع تي گرفتار ڪيو ويو۔ترجمان ٻڌايو ته ان کان اڳ به اين ايف ڏکڻ آمريڪا مان ڪوڪين اسمگل ڪندڙ ٽولي خلاف ڪارروائي ڪندي 5 ڪلو ڪوڪين ضبط ڪئي هئي ۽ ٻه اسمگلر گرفتار ڪيا هئا۔ لاهور ۾ انٽيليجنس بنياد تي ڪاررواين دوران مجموعي طور 5 ڪلو ڪوڪين هٿ آئي ۽ اسمگلرز جو سپلائي نيٽ ورڪ مڪمل طور ناڪام بڻايو ويو۔ اسمگلرز جي نيٽ ورڪ تي نظر رکڻ لاءِ خفيه اهلڪار مقرر ڪيا ويا جن فرضي ٽرانزيڪشن ذريعي ٽولي جا راز فاش ڪيا۔ ڪارروائي ۾ ٻه ملزم ۽ ٻه لگزري گاڏيون به تحويل ۾ ورتيون ويون۔
